نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان پارليامينٽ ج?? بالادستي تي يقين رکون ٿا، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا جنهن ۾ سوال اٿاريو ويو ته هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي، ان کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي ??گهجن ٿيون، آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي هوندي آهي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي ??نهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ۾ ئي نه هو، سلمان اڪرم راجا انتهائي ??جيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳا??هه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جهڙي انداز ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام موجود آهي، مخصوص سيٽن تي آئيني ۽ قانوني سوالن جو جواب اچڻ ضروري آهي. خصوصي ڳا??هه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تازن ڏينهن ۾ پارليامينٽ ج?? بالادستي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا ۽ چيو ته اهڙي سياسي پارٽي کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي ??گهجن ٿيون جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه آهي، قانوني طور تي انهن کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي ??گهجن. وفاقي وزير چيو ته رولز اڳ ۾ ئي موجود هئا، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪئي ??نهن موجب ڪو به آزاد اميدوار ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو. ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي لاءِ جمع ڪرايل حلف نامن جي خلاف ورزي فلور ڪراسنگ تصور ٿئي ٿي. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ چوائس موجود هئي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪري غلطي ڪئي ڇو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موجود ايم ڊبليو ايم کي به جوائن ڪري سگهي پئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ان غلطي کي ڪهڙي طرح درست ڪري سگهجي ٿو، ڇا انهن ماڻهن جيڪي حلف ناما جمع ڪرايا ڇا اهي ڪوڙا هئا؟ ڇا پارٽي تبديل ڪرڻ جي گنجائش هر ڪنهن کي ميسر رهندي؟ جنهن جي دل چاهي اهو حلف نامو منسوخ ڪري پارٽي تبديل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا معزز جج بابت عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳا??هه ٻولهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان جي بيان ۾ حقيقت آهي ته ان جي باقاعده وضاحت اچڻ گهرجي، اها وڏي حيرانگي جي ڳا??هه آهي ۽ سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ليڊر آن ايئر اها ڳا??هه ڪيئن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ج?? بالادستي جي لاءِ اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، ان معاملي تي اسپيڪر سان گڏ بيٺل آهيون ته قانونسازي کي اوور رول ڪري فلور ڪراسنگ جي اجازت ڪيئن ڏئي ??گهجي ٿي؟ هن چيو ته اسپيڪر جيڪو سوال اٿاريو آهي اهو قانوني ۽ آئيني سوال آهي. ان کانسواءِ جسٽس يحييٰ آفريدي جي اختلافي نوٽ ج?? اندر وڏا اهم نقطا اٿاريا ويا آهن ۽ باضابطا طور تي چيو ويو آهي ته هڪ پارٽي جيڪا ٻڌڻي ۾ ڌر ئي نه هئي، نه ئي ??ن درخواست ڏئي ??کي هئي، ان کي ڪهڙي طرح ريليف ڏئي ??گهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو وڏو اهم ۽ آئيني سوال آهي ته ڪير ڌر نه هجي ۽ ريليف نه گهريو وڃي ۽ ان کي ريليف ڏنو وڃي، جهڙي انداز سان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام آهي، ان جو جواب اچڻ ضروري آهي.
متعلقہ مضامین
-
Army refutes Indian claim about mutilation of bodies
-
Gunmen kill seven Punjab-bound bus passengers in Balochistan
-
PHC for no action against POR card-holding Afghan refugees
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا جامع تعارف
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Duiqi Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ پر خوش آمدید
-
لاٹری سٹی قابل اعتماد ویب سائٹ
-
GW Lottery: ایک قابل اعتماد تفریحی داخلہ
-
WAPDA chief asked to avoid making statements over Kalabagh Dam issue
-
NA speaker for collaboration with Germany against regional challenges
-
Both my leader Zardari and I are clean
-
ڈیول فورچون انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: دلچسپ کھیلوں کی دنیا میں آپ کا گیٹ وے