اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي جنهن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، ا??تصادي ۽ سماجي ترقي، استحڪام، قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏ??ن معيشتن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن چين جي 74 هين قومي ڏينهن ج?? موقعي تي چيني سفارتخاني پاران منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پنهنجي آزادي جون 74 بهارون ڏسي چڪو آهي، چين اونداه??ن مان روشني طرف، غربت مان ترقي طرف هڪ نئون رستو کوليو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، ا??تصدي ۽ سماجي ترقي، استحڪام ۽ قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏ??ن معيشتن ۾ شامل آهي. چين جنهن انداز ۾ دنيا آڏو ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو متعارف ڪرايو، ا?? سان ان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي سان اهو ثابت ٿيو ته چين ”گڏيل خوشحالي“ ۽ ”گڏيل ترقي“ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ترقي جي جنهن مقام تي چين اڄ پهچي چڪو آهي، ا?? سان پاڪستان ئي نه خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چين جي قومي ڏينهن ج?? موقعي تي چين جي عوام، حڪومت، چيني سفارتخاني جي سمورن عملي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو اهو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. تقريب ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ معزز مهمانن چين جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
متعلقہ مضامین
-
Army refutes Indian claim about mutilation of bodies
-
Gunmen kill seven Punjab-bound bus passengers in Balochistan
-
PHC for no action against POR card-holding Afghan refugees
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا جامع تعارف
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Duiqi Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ پر خوش آمدید
-
لاٹری سٹی قابل اعتماد ویب سائٹ
-
GW Lottery: ایک قابل اعتماد تفریحی داخلہ
-
WAPDA chief asked to avoid making statements over Kalabagh Dam issue
-
NA speaker for collaboration with Germany against regional challenges
-
Both my leader Zardari and I are clean
-
ڈیول فورچون انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: دلچسپ کھیلوں کی دنیا میں آپ کا گیٹ وے