اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ادارن، گرلز گائيڊز ۽ بوائز اسڪائوٽس تي زور ڏنو آهي ته اهي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين، ڪاليجز ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪارڊيڪ پلمونري ريسي ٽيشن (پي سي آر) ۽ شروعاتي طبي امداد جي تربيت يقيني بڻائين ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ ۽ حادثاتي صورتحال ۾ قيمتي جانين کي بچائي سگهجي، عورتن جو معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، معاشري ۽ رياست جي ذم??واري آهي ته عورتن کي عملي زندگي ۾ هراسمينٽ کان محفوظ بڻائين. هو گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن هيڊڪوارٽرز ۾ 12 هين آل پاڪستان ڪئمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪئمپ ۾ شريڪ ٻارڙين ملي نغمو ۽ تربيتي عمل تي ٻڌل ٽيبلو پڻ پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي لا??ِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون گرلز گائيڊ کي مخاطب آهيان. شاگردي واري دور ۾ به بوائز اسڪائوٽس جو حصو رهيس، ان ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ، ڪيمپنگ، گڏجي رهڻ سميت ٻين بنيادي شين، پي سي آر ۽ شروعاتي طبي سکي ۽ پنهنجي عملي زندگي ۾ ان جو استعمال پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن اهڙي ??ڳهه تي جڏهن ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي يا هارٽ اٽيڪ جي صورتحال هجي ته ان وقت فوري طور تي حياتي بچائڻ جي لا??ِ ڪارڊيڪ پلمونري ريسي ٽيشن (پي سي آر) ئي واحد حل هوندو آهي، سمورن امدادي ادارن جي ذم??واري آهي ته اهي ان عمل ۽ شروعاتي طبي امداد جي تربيت ڏين ۽ اهو سکڻ کانپوءِ اڳتي ماڻهن کي ان جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي، جڏهن معاشرو زندگي بچائڻ جي لا??ِ تيار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو ئي معاشرو ترقي جون منزلو طئي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته سٺي صحت ۾ ڏندن جي صفائي پڻ تمام ضروري آهي، جيڪڏهن معمول سان ڏندن جي صفائي ٿئي ته 85 سيڪڙو ڏندن جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. حضور نبي ڪريم ﷺ جي ڏندن جي صفائي جي حوالي سان 123 حديثون آهن. حضور ﷺ پاڻي کي به احتياط سان استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن درياءَ ۾ به وضو ڪري رهيا آهيو ته پاڻي جو گهٽ استعمال ڪريو. صدر عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني ۾ چار کان پنج منٽ لڳائي پنهنجو معائنو ڪن جيڪڏهن ڇاتيءَ تي ڳوڙهي آهي ته اهي فوري طور تي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪن، ان بيماري جو علاج تمام مهانگو آهي تنهن ڪري احتياط ڪري ان بيماري کان بچي سگهجي ٿو. ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ٽئين ۽ چوٿين مرحلي تي موت جي شرح 50 سيڪڙو تائين آهي اهڙي ??رح دماغي صحت تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختلف عملن جي ڪري ذهني بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت خاندان جي اينڪر هوندي آهي، اسان جي ملڪ جو خاندان اڃا به مضبوط آهي، عورتون معاشي سرگرمين ۾ به اڳتي اچي رهيون آهن جيڪا خوش آئنده آهي. هن چيو ته غزه ۾ 40 سيڪڙو ٻار آهن، انهن ٻارن کي به ياد رکڻ گهرجي، اتي اسرائيلي فوج ٻارن کي به نشانو بڻائي رهي آهي، انهن ٻارن سميت پنهنجي ڀرپاسي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان همدرديءَ لا??مي آهي. گرلز اسڪائوٽس ڪمشنر ماريه صابري گرلز اسڪائوٽس جي قيام دوران ڪئمپ سرگرمين ۽ ٻين معاملن تي روشني وڌي.
متعلقہ مضامین
-
Minister commends CBD Punjab’s development initiatives
-
ٹی پی کارڈ گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹرنس مکمل گائیڈ
-
مناظر فطرت اور سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
No quota for lawmakers in Hajj scheme: ministry
-
NA passes NADRA Bill 2016
-
Uncovered fruits on roadside can lead summer diseases: experts
-
JI youth to initiate One Booth Ten Youth campaign
-
Butterfly Entertainment کی سرکاری پلیٹ فارم
-
SBO اسپورٹس آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
کا ہولا: ایک ثقافتی رقص کی کہانی
-
ٹی پی کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم اور اس کی اہمیت